ڏوڪري ڀرسان ڳوٺاڻن عدالت جي حڪم تي بي گناهه ماڻهو ڇڏائي ورتا، ايس ايڇ او سميت سمورو عملو معطل

news

ڏوڪري(رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ٻٽ جي ڳوٺاڻن پوليس سان مزاحمت ڪندي بي گناهه گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان عرفان علي ٻٽ کي ڇڏائي وٺڻ وارو واقعو ميڊيا تي اچڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش معاملي جو نوٽيس ورتو. 

ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالغفور مغيري کي معطل ڪري رورٽ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته وڏي منشي طالب قصر سميت ٿاڻي تي مقرر سموري عملي کي معطل ڪري لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي.

 ايس ايس پي جي حڪم تي عبدالستار مگسي نئون ايس ايڇ او ۽ دمساز علي چانڊيو وڏي منشي طور مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايئرپورٽ ٿاڻي تي نئين ايس ايڇ او سميت سمورو اسٽاف چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. 

واضح رهي ته 8 ڏينهن اڳ ايئرپورٽ ٿاڻي سميت 12 ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ غلام حسين ٻٽ تي چڙهائي ڪري 4 ڳوٺاڻن اڪبر علي، شوڪت علي، مزمل علي ۽ عرفان علي ٻٽ کي ڪنهن ڪيس ۾ گهربل نه هجڻ باوجواد گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي وارثن جي ڳولا تي ڪنهن به ٿاڻي تي سندن موجودگي جو اطلاع نه ملڻ تي هنن هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ قانوني پٽيشن درج ڪرائي. 

اهڙو ڪيس عدالت ۾ داخل ٿيڻ تي پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل 3 ڳوٺاڻن کي پوليس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ڦٽي ڪري وئي هئي.

 هوڏانهن عدالت آڏو ڊي ايس پي ڏوڪري سميت 12 ٿاڻن جي پوليس لکت ۾ بيان ڏنو هو ته هنن ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار نه ڪيو آهي، جنهن تي عدالت پٽيشن داخل ڪندڙ ڪامريڊ عبدالستار ٻٽ کي هدايت ڪئي هئي ته هو پوليس مٿان عدالتي ريڊ ڪرائي وڃي جنهن بعد ڳوٺاڻن پاڻمرادو مڙسي ڪري گرفتار ڳوٺاڻي کي ڇڏائي ورتو.