سنڌ ۾ هاڻ نصاب کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي:اياز لطيف پليجو

news

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ تعليمي نصاب کي جديد سائنسي ۽ دلچسپي وارو بنايو وڃي.، پرائمري کان وٺي تعليمي نصاب پراڻو آهي جيڪو علمي اوسر ۾ ڪارائتو ناهي. ان ڪري سنڌ ۾ تعليمي نصاب کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي. 

استادن جون ڀرتيون نج ميرٽ تي ڪيون وڃن، قابليت کانسواءِ اسين تعليمي ميدان ۾ اڳتي نٿا وڌي سگهون.

 اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن ۾ ڪوڙا ٺپا هڻڻ لاءِ من پسند بنيادن، سفارش ۽ رشوت تي استاد ڀرتي ڪرڻ سان تعليم جو ٻيڙو ٻڏو آهي، اياز لطيف پليجي چيو تہ سيتا روڊ جي شهرين جو لائبريري ڏيڻ جو مطالبو منظور ڪيو وڃي. 

سنڌ جي نوجوان جو چٽاڀيٽي جي امتحانن لاءِ رجحان وڌيو آهي، سنڌ جا نوجوان معمولي نوڪرين لاء سفارشن ۽ رشوت ڏيڻ وارو رستو ڇڏي هاڻ ميرٽ تي اڳتي وڌي رهيا آهن، يوسي کان وٺي هر تعلقي ۾ لائبريري قائم ڪئي وڃي جتي نوجوان ڪميشن جي امتحانن جون تياريون ڪري سگهن، لائبريريون سنڌ کي ۽ پاڪستان کي بلند مقام تي پهچائينديون.

 تعليم سڀني مسئلن جو حل آهي، علم ذريعي ڪرپشن جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو، تعليم ذريعي بيروزگار، غربت ۽ بدامني ختم ٿيندي، نوجوان سنڌ ۽ ملڪ جو مستقبل آهن، اهي ميرٽ تي اڳتي اچي ادارن جون واڳون سنڀاليندا، اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن، اقرباپروري پي آئي اي، اسٽيل مل سميت ادارن کي تباھ ڪيو آهي جعلي ڊگريون رڳو پي آئي اي ۾ ناهن، رشوت، سفارش تي سمورن ادارن ۾ اهڙا نااهل ۽ جعلي ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ هر غلط عمل ڪن ٿا ۽ ڪرپشن ڪن ٿا، انهن جي رستا روڪ ميرٽ ئي ڪري سگهي ٿي.