ميھڙ تعلقي ۾ ماڪڙ جي آزار خلاف سماجي تنظيم پاران احتجاج

news

ميھڙ: ميھڙ تعلقي ۾ ماڪڙ جي ڪٽڪن لهڻ کان پوءِ ساريالي فصل سميت باغن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، زراعت کاتي جي نااهلي خلاف سماجي اڳواڻن قادر چانڊيو، عامر ٿلهو، مير جان بروهي، شيراز ڳورڙ، مظھر رند، سڪندر منگي، مهتاب سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي هنن چيو ته هڪ طرف ڪورونا سبب بک بدحالي مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي ته ٻئي طرف ماڪڙ جي تباهه ڪارين سبب زرعي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي. هنن چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي، زراعت کاتو آبادگارن جي ڪا مدد ڪرڻ لاء تيار ڪونهي، جڏھن ته حڪومتي دعوائون بي اثر ٿي ويون آهن.

هنن چيو ته زراعت جي تباهي سان بک بدحالي وڌندي ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي. هنن مطالبو ڪيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرائي زرعي معشيت بچائي وڃي.