پنوعاقل: پريمي جوڙو جرڳي وسيلي جدا، نوجوان تي ڏهه لک روپيا ڏنڊ، پوليس بي خبر

news

پنوعاقل(رپورٽ:قربان ملڪ) پنوعاقل شھر جي غريب آباد واسي نوجوان ڪجلو جتوئي ۽ رضيه تنيو پاران 5 مھينا اڳ عدالتي پرڻو ڪرڻ کان پوء ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ هئي، جنھن بعد علائقي جي چڱن مڙسن بخشل خان انڍڙ ۽ محمد ابراھيم موچي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌي پريمي  نوجوان جي ڌر مٿان 10 لک ڏنڊ ۽ پريميڪا کي وارثن حوالي ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي.

 جتوئي برادري جي ماڻھن ھڪ لک جي معافي وٺي 9 لک ڏنڊ ڀري ڏنو، چيو وڃي ٿو ته شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ رھندڙ ڪجلو جتوئي ۽ ناري رضيه تنيو عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو ھو، جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڙي جي ڪجھ ماڻھن مسجد ۾ ويھي ڌرين کي راضي ڪري ناري جي وارثن کي 9 لک وٺي ڏنا، جنھن بعد جتوئي ۽  تنيا برادري جي ماڻھن ۾ وڌڪ جھيڙي ٿيڻ ۾ ٺاپر ۽ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

 ھوڏانھن جرڳو ڪندڙ بخشل انڍڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ ڌريون ڪجهه هفتا اڳ پاڻ ۾ اڳ ئي ٺهي چڪيون هيون، مون فيصلو ڪري ڏنڊ ناهي رکيو،3 ڏينهن اڳ متاثر ڌر کي راضي ڪيو،جنهن کانپوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.