ٽنڊوڄام: هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪورونا جا تيرنهن ڪيس ظاهر، انگ هڪ سئو يارنهن ٿي ويو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ: مستنصر علي جمالي)  ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، هڪ ئي ڏينهن ۾ ڇهن دڪاندارن سميت 13 ڄڻن ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق. انگ وڌي 111 ٿي ويو.

 ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪورونا جي وبا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، ٽنڊوڄام ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

 ٽنڊوڄام جي مختلف بازارن ۾ دڪاندارن جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽن ۾ 6 دڪاندارن ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي، ٽنڊوڄام جي علائقي مير ڪالوني جي رهواسي دوڪاندار جي 5 گهر ڀاتين ۾ پڻ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته ٽنڊوڄام شهر کان سواءِ عمار ٽائون جي رهواسي هڪ ڄڻي سميت ڪورونا جا ٻه ٻيا مريض پڻ ظاهر ٿيا آهن.

 صحت کاتي پاران ڪورونا متاثر 13 ئي ڄڻن کي سندن گهرن اندر آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي جنهن بعد ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 111 ٿي ويو آهي.