ڀارت هڪ دفعو ٻيهر چيني سرحد تي ويڙهاڪ جهازن جون اڏامون شروع ڪري ڇڏيون

news

بيجنگ: (آچر 05 جولاءِ 2020ع)  ڀارت هڪ دفعو ٻيهر چين سان لاڳاپيل سرحد تي ڀڃڪڙي ڪندي سرحدي علائقي ۾ هوائي طاقت وڌائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين سان گڏ لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول(ايل اي سي) تي ڀارتي فضائيه جا روسي ساخته ايس يو ٿرٽي، ايم ڪي آءِ ۽ مگ 29 جهازن لاڳيتو اڏامون جاري رکيون آهن. ان کان علاوه چيني سرحد جي ويجهو واقع ايئربيس تي آمريڪي سي 17 ۽ سي 130  جي کان علاوه روسي ساخته اليوشن 76 ۽ اينتونوو 32 به موجود آهن.

هي جهاز اهلڪارن ۽ جنگي سازوسامان جي منتقلي جي لاءِ استعمال ٿيندا آهن. اوڀرين لداخ سيڪٽر ۾ ڀارت جا اپاچي هيليڪاپٽر به موجود آهن جيڪي هن علائقي ۾ جنگي مقصدن جي لاءِ اهم تصور ڪيا ويندا آهن. هلندڙ سال مئي جي دوران چين سان شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۾ هي هيليڪاپٽر استعمال ڪيو ويو هو. هن علائقي ۾ ڀارتي ارادن بابت هن هيليڪاپٽر کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب چيني سرحد جي ويجهو ايئربيس تي غير معمولي چرپر نظر اچي رهي آهي ۽ جنگي جهازن جون هوا ۾ اڏامون به وڌايون ويون آهن. ڀارتي فضائيه جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگي جهازن جون اڏامون ڪارروائين جي تياري ۾ انتهائي مددگار هوندي آهي ۽ ڀارتي فضائيه چيني سرحد تي سمورن چيلنجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب هلندڙ سال مئي ۾ چين سان ٿيندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڀارت اوڀرين لداخ جي علائقي ۾ پنهنجي هوائي طاقت ۾ واڌ ڪري رهيو آهي.