سريلنڪا جو رانديگر ڪوشال مينڊس گرفتار

news

ڪولمبو: (آچر 05 جولاءِ 2020ع) سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر ڪوشال مينڊس کي پوليس 74  ساله شخص کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪولمبو ۾ سريلنڪا جو رانديگر ڪوشال مينڊس جي ڪار جي ٽڪر سبب هڪ سائيڪل سوار 74 ساله شخص سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کان پوءِ هو فوت ٿي ويو. سريلنڪا جو رانديگر ڪوشال مينڊس ان وقت ڪار پاڻ هلائي رهيو هو.

پوليس ڪوشال  مينڊس کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته 25 ساله وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين 44 ٽيسٽ ۽ 76 هڪ ڏينهن وارن ميچن ۾ سريلنڪا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. ڪوشال  مينڊس  ان اسڪواڊ ۾  به شامل هو جنهن لاڪ ڊائون جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽريننگ جي شروعات ڪئي هئي.