ٽنڊومحمدخان ۾ بي گناهه گرفتارين خلاف عورتن ۽ ٻارن جو احتجاج، آزاد ڪرڻ جو مطالبو

news

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) محمد خان جي بھراڻي محلي جي رھواسڻ الھڏني شيخ مڙس ۽ ڀاءُ  جي بيگناھ گرفتاري خلاف  پنھنجي ٻارن سميت احتجاجي مظاھرو ڪيو.

 ان موقعي تي ھن چيو ته منھنجي مڙس ۽ ڀاءُ  تي چوري جو  ڪوڙو الزام ھڻي کيس بيگنھا گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آھي، اسانکي بلاجواز پوليس تنگ ڪري رھي آھي اسانجو گذر سفر ھاڻ مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پالڻ آھي.

هن چيو ته اسان جو ڪنھن جي به ٿيل چوري سان ڪوبه تعلق نه آھي، آئون اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿي ڪريان ته مون مسڪين سان انصاف ڪري مڙس ۽ پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.