واهي پانڌي: صحافي جي سؤٽ جي فوتگي تي ڳوٺ شيرمحمدرستماڻي ۾ تعزيت جو سلسلو جاري

news

واهي پانڌي(رپورٽ:نظام رستماڻي) واهي پانڌي جي سياسي سماجي ڌرين پاران صحافي نظام رستماڻي سان سئوٽ جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آُھي پي ٽي آءِ اڳواڻ رئيس امداد خان لغاري آنلائن انڊس جو رپورٽر  نظام رستماڻي ۽ استاد ميان بخش رستماڻي، ايل ايس وابڊا گلاب رستماڻي، وڪيل منظور رستماڻي سان چاچي عبدالستار سان فرزند عطاءُ الله جي فوتگي تي ڳوٺ شيرمحمد رستماڻي پهچي تعزيت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته نوجوان جي فوتگي تي تمام گهڻو ڏۡک ٿيو آھي، نظام سميت سڀني وارثن سان ڏۡک ۾ برابر جا شريڪ آھيون، جڏهن ته رئيس امداد لغاري سان ساڻس پي ٽي آءِ جا مقامي اڳواڻ گڏ ھئا.

 ان کان علاوه واهي پانڌي شهري اتحاد عوامي تحريڪ اڳواڻن سميت مختلف سياسي سماجي ۽ صحافين تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي آھي.