نئون ڪوٽ: مهينو اڳ مبينا اغويٰ ٿيل ٽن ٻارن جي ماءُ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو

news

نئون ڪوٽ(رپورٽ:پيار علي نھڙيو) هڪ مهينو اڳ ٽالهي پوليس جي حد مان مبينه اغوا ٿيل ڳوٺ تحريڪ آباد جي رهواسڻ آسما ڪوثر جٽ نئون ڪوٽ ويجهو ڳوٺ لکاڏنو ٽنگڙي مان ڳوٺاڻن بازياب ڪرائي نئون ڪوٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن اغوا ڪندڙ قادر ٽنگڙي ۽ انور ٽنگڙي کي پڪڙي ورتو نئون ڪوٽ پوليس مک جوابدار قادر ٽنگڙي کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انور ٽنگڙي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ لڪائي ڇڏيو.

 ان سلسلي ۾ ناري نئون ڪوٽ ٿاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قادر ٽنگڙي، ان جي ڀاءُ انور ٽنگڙي ۽ حاجي ڀرڳڙي مون کي مسلسل هڪ مهيني کان مختلف ڳوٺن ۾ ڪمري ۾ قيد ڪري رکيو هو، مون تي تشدد به ڪندا ھئا ۽ منهنجي والدين سان به ملڻ نه ڏيندا هئا، مون کي ڳوٺاڻن ۽ پوليس بازياب ڪرايو آھي هاڻي آئون پنهنجي والدين وٽ وڃي انهن کي راضي ڪنديس ته نفيس ننگر واسي شير علي سان منهنجي شادي ڪرائي وڃي.

 هن چيو ته اڳين مڙس مان به مون کي ٽي ٻارن جو اولاد آھي آئون انهن کي به پاڻ سان گڏ رهائڻ چاهيان ٿي.

 نئون ڪوٽ پوليس موجب قادر بخش ٽنگڙي گهر ۾ هو اسان وٽ ليڊي پوليس نه هئي جو ان کي گرفتار ڪيون انور ٽنگڙي تي ڪا به ايف آءِ آر درج ناهي هن جي گرفتاري جي خبر ناهي.

  بازياب ڪرايل ناري آسما ڪوثر کي اڄ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ پيش ڪيو ويندو.

ياد رهي ته آسما ڪوثر 28 مئي تي پنهنجي والدين سان گڏ سول ڪورٽ ڪنري ۾ اڳوڻي طلاق شده مڙس سان واپس گڏ رهڻ لاءِ بيان ڏيڻ وئي جتي آسما ڪوثر اڳوڻي مڙس سان گڏ زندگي گذارڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي ديني ڀاءُ ڪيل حبيب ٽنگڙي سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو، ان بعد آسما ڪوثر پنهنجي ڀاءُ حبيب ٽنگڙي سان گڏ وئي ته ٽن ڏينهن بعد پهرين جون تي قادر ٽنگڙي ۽ ان جي ڀاءِ انور ٽنگڙي ۽ حاجي ڀرڳڙي کيس زبردستي اغوا ڪري شادي پلي ويجهو بچاءُ بند وٽ ڪنهن گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو .