سڪرنڊ پوليس گهر تي ڇاپو هڻي ناري کي هٿ ڪري ورتو، بليڪ ميلنگ جا الزام

news

سڪرنڊ: پيار جو پرڻو ڪندڙ عورت ٿاڻي تي پھچي وئي، ڏيڍ سال اڳ شهر شجاع آباد ضلع ملتان جي رھواسڻ انسا ڌيءَ قمر اقبال آرائين ڳوٺ شاهه عنايت واسي نوجوان بلاول زرداري سان پيار جو پرڻو ڪيو، جنهن بعد گذريل ڏينهن عورت انسا ملتان ۾ مائٽن کي فون ڪري گهرايو، جنهن بعد سڪرنڊ پوليس بلاول زرداري جي گهر تي چڙھائي ڪري ڇوڪري انسا کي هٿ ڪري ورتو.

ڇوڪريءَ پوليس آڏو بيان ڏيندي الزام مڙهيو آهي ته بلاول سان فونن تي دوستي جو رابطو ٿيو، جنهن مان هن ناجائز فائدو وٺي، منهنجا فوٽو ڪڍيا جنهن بعد بليڪ ميل ڪري مون سان زوري نڪاح ڪيو ۽ ڏيڍ سال کان مسلسل تشدد پڻ ڪندو اچي جنهن ڪري اڄ مون پنهنجي مائٽن کي گهرايو آهي.

هوڏانهن الزام هيٺ آيل بلاول زرداري پوليس ۽ ميڊيا آڏو بيان ڏيندي چيو ته اسان رضا خوشيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي ڏيڍ سال کان خوش آهيون گهر واري اميد سان پڻ آهي پر خبر ناهي هيئنر ڇو بيوفائي ڪري رهي آهي.

ٻئي پاسي ايس ايڇ او ديدار سولنگي    ميڊيا  کي ٻڌايو ته ٻنهي کي في الحال ٿاڻي تي ويهاريو آهي، سومر ڏينهن ٻنهي کي عدالت ۾ پيش ڪنداسين، جنهن بعد ڌرين کي عدالتي حڪم موجب آزاد ڪيو ويندو.