سنگاپور ۾ ڊينگي بخار خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي

news

سنگاپور: (سومر 06 جولاءِ 2020ع)   سنگاپور ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ته ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ۾ آهي پر هاڻ اتي ڊينگي بخار جا ڪيس خطرناڪ حد تائين وڌڻ شروع ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سنگاپور ۾ ڊينگي بخار تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ملڪ ۾ ڊينگي جا 14 هزار ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

سنگاپور جي صحت اختيارين موجب سال جي آخر تائين ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. ملڪ ۾ گذريل هفتي هڪ هزار 468 ماڻهو ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿيا آهن جڏهن ته اختيارين موجب هينئر تائين ڊينگي وگهي 16 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن.

ٻئي طرف جيڪڏهن سنگاپور ۾ موذي وبا ڪورونا وائرس جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب 44 هزار 479 ماڻهو متاٿر ٿي چڪا آهن جڏهن ته وائرس سبب  فوت ٿي ويندڙن جو انگ 26 آهي.

اختيارين امڪان ظاهر ڪيا آهن ته ملڪ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ڇو ته جون کان وٺي آڪٽوبر تائين مڇرن جي واڌ ويجهه جو موسم هوندو آهي.