روس ۾ ڪورونا وبا دوران ڊيليوري ڪندڙن سان محبت جي اظهار لاءِ يادگار مجسمو لڳايو ويو

news

ماسڪو: (سومر 06 جولاءِ 2020ع) ڪورونا وبا دوران فرنٽ لائن تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻين پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي پئي وڃي پر هن وبا ۾ ڊيليوري ڪندڙ ماڻهن جي همت کي به نٿو وساري سگهجي.

تازو ئي روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ ڪورونا وائرس جي دوران ڊيليوري ڪندڙ مرد ۽ عورتن جو ٿورو ادا  ڪرڻ جي لاءِ هڪ يادگار مجسمو لڳايو ويو آهي. هن يادگار مجسمي کي ايلڪسي نالي آرٽسٽ تيار ڪيو آهي جيڪو 3 ميٽر ڊگهو آهي ۽ ان تي لکيل آهي ته هي مجسمو ان ماڻهن جي لاءِ آهي جنهن اسان جو سيلف آئسوليشن ۾ رهڻ ممڪن بنايو.

ان حوالي سان ماسڪو جي ڪوريئر سروس جي ملازم جو چوڻ هو ته هي يادگار مجسمو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن ڪوريئر يا ڊليوري سروس ڪندڙن جي لاءِ يادگار مجسمو ناهي ٺاهيو ويو.

ياد رهي ته روس ۾ ڪورونا وائرس تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن سبب سخت لاڪ ڊائون  دوران  گهرن ۾ موجود ماڻهو پنهنجي ضرورت  جون شيون گهرن ۾ ئي گهرائي رهيا آهن.