چوھڙجمالي: ڪورونا ۾ تيزي، پوليس اھلڪار سميت ٽي ڄڻا وائرس جو شڪار، انگ پنڌرنهن ٿي ويو

news

چوهڙجمالي(رپورٽ:محمد علي جروئي)تعلقي شاهه بندر جي شهر چوھڙجمالي سميت آسپاس ڪورونا ۾ واڌ اچڻ لڳي آهي، تازو چوهڙجمالي ٿاڻي جي عملي جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽن مان ھڪ پوليس اھلڪار غلام مصطفي' اوٺو سميت نوجوان عرفان ميمڻ ۽ ھڪ عورت جي ڪورونا ٽيسٽ ھاڪاري اچي ويئي آهي.

ٽيسٽ کان پوءِ تعلقي شاھ بندر ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرين جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آھي پر هتي نه ايس او پي تي عمل ٿيندي نظر اچي ٿو نه ئي احتياطي تدبيرن تي عمل ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري صورتحال بگڙي رهي آهي.