جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي

news

اسلام آباد: (اڱارو 07 جولاءِ 2020ع) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي ڪارروائي 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ فرد جرم جي لاءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا. آصف زرداري جي لاءِ وڊيو لنڪ جو انتظام ڪراچي ۾ هو جڏهن ته فريال ٽالپر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو هو. جوابدارن جا وڪيل فاروق نائيڪ ۽ لطيفه کوسه عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ فريال ٽالپر طرفان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.

جج اعظم خان پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ جوابدار جي پلي بارگين مڪمل ٿيڻ کان اڳ فرد جرم لاڳو نٿي ٿي سگهي. نيب هڪ جوابدار جي پلي بارگين جي رپورٽ   عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي. عدالت حڪم ڏنو ته نيب ايندڙ ٻڌڻي کان 2-3 ڏينهن اڳ پلي بارگين رپورٽ پيش ڪري.

ريفرنس جي شروعاتي جاچ ايف آءِ اي ڪراچي ۾ ڪئي جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيس نيب راولپنڊي ڏانهن منتقل ٿيو. هينئر تائين  يو اي اي جو ناصر لوٿا ۽ اومني گروپ جي اسلم مسعود سميت ڪيس جا 5 اهم جوابدار واعده معاف گواهه بڻجي چڪا آهن.

نيب موجب حسين لوائي خانگي بئنڪ ۾ اي ون انٽرنيشنل نالي جعلي اڪائونٽ کولي مني لانڊرنگ جي شروعات ڪئي وئي. زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي اڪائونٽس ۾ ايندڙ رقم فريال ٽالپر ڪڍرائي. عبدالغني مجيد  ان ئي اڪائونٽن جي ذريعي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي.

قومي احتساب بيورو موجب حسين لوائي جي جنهن بئنڪ کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. اهو آصف زرداري جي فرنٽ ڪمپني جي پلاٽ تي ئي ٺاهيو ويو  ڪيس ۾ فرد جرم احتساب عدالت جي جج اعظم خان کي لاڳو ڪرڻو هو.