سريلنڪا جو رانديگر ڪوشل مينڊس ضمانت تي آزاد، ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ جو انڪشاف

news

ڪولمبو: (اڱارو 07 جولاءِ 2020ع) سريلنڪا جي رانديگر ڪوشل مينڊس 64 ساله شخص کي چيڀاٽي ماري ڇڏڻ کان پوءِ به ضمانت تي آزاد ٿي ويو. کيس پاناڊورا جي ميجسٽريٽ چندانا ڪلائسوريا 10-10 لک روپين جي 2 مچلڪن عيوض ضمانت  ڏني.

ان جو ڊرائيونگ لائسنس عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي. وڪيلن طرفان فوت ٿي ويل شخص جي وارثن کي 10 لک روپيه هرجاڻو ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو. جڏهن ته موقعي تي ئي 2 لک روپيه جمع به ڪرايا ويا. ٻئي طرف شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته ڪوشل مينڊس کي ڊرائيونگ جي دوران ننڊ اچي وئي هئي.

هو سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ آفيشل جي شادي ۾ شرڪت کان پوءِ ساٿي رانديگرن کي ڊراپ ڪري واپس اچي رهيو هو جنهن وقت حادثو ٿيو ان وقت به گاڏي ۾ ساٿي رانديگر اويشڪا فرنانڊو موجود هو. شروعاتي رپورٽ ۾ مينڊس کي ڪنهن به قسم جي نشي  ۾ هجڻ واري  ڪيس کان ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.