سجاول ضلعي ۾ ماڪڙن جا ڪٽڪ پهچي ويا، آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا

news

سجاول: سجاول ضلعي ۾ ماڪڙن جا ڪٽڪ پهچي ويا، شديد گرمي ۽ ماڪڙن جي انتھائي گھڻي تعداد ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آھن، گھرن جي ڇتين تي ماڪڙن قبضو ڄمائي ورتو آهي، فصلن تي ماڪڙن جي حملي سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، حڪومت کان مڪڙن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي اپيل۔

سجاول سميت جاتي، چوهڙ جمالي، شاهبندر، ميرپوربٺورو، دڙو، ٻيلو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ماڪڙن جا ڪٽڪ پهچي ويا آهن، شديد گرمي ۾ ماڪڙن جي ھجوم ۽ گھرن ۾ داخل ٿيڻ سبب شھري انتھائي ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ماڪڙن جي حملي سبب ضلعي سجاول ۾ سارين جي پوک سميت مختلف زرعي فصلن کي نقصان پهچڻ جي خدشي سبب آبادگارن جي ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.

آبادگارن پاران حڪومت کان اپيل ڪئي وئي آهي تہ ماڪڙن جي خاتمي لاءِ جلد کان جلد اپاءُ ورتا وڃن تہ جئين اسان جي فصلن جو وڌيڪ نقصان نہ ٿئي ۽ اسان معاشي ڏيوالپڻي کان بچي سگهون.