سڪرنڊ ڪانفرنس هال پريس ڪلب جي افتتاحي تقريب ٿي گذري

news

سڪرنڊ: ڪانفرنس هال سڪرنڊ پريس ڪلب جي افتتاحي تقريب جي صدارتي خطاب ۾ چيئرمين ٽائون ڪميٽي سيد محمد منير شاهه چيو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ صحافت پنهنجو مثبت ڪردار پيدا ڪري رهي آهي. صحافت ملڪ جو چوٿون ٿنڀ آهي، اڳ صحافت جو معيار هو پر آئون اهو چوندس ته هاڻي ائين ناهي.

ٽائون ڪميٽي جي وائس چيئرمين نور احمد لاکو چيو ته هي شهر ۽ ادارا اسان جا آهن هن هال ٺھڻ سان مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيليءَ چيو ته صحافت ۾ منهنجو استاد محمد صديق منگيو آهي، اسان ڪميٽيڊ صحافي آهيون ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندڙ آهيون. اسان کي ڪنهن ڀوتار، مير، پير ۽ بيورو ڪريٽ مان ڪوبه خطرو نه آهي، بلڪه اسان کي پنهنجي لڏي ۾ موجود ڪارين رڍن مان خطرو آهي، جن جي ڪري پريشان ٿيڻو پوي ٿو.

صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو چيو ته اڄ تاريخي موقعو آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ايونٽ آيا، انهن ۾ هي سگهارو ايونٽ آهي ۽ اڄ اسان جي اکين ۾ پلجندڙ سگهاري خواب جي ساڀيان ٿي آهي.

سرپرست اعليٰ سڪرنڊ پريس ڪلب رائو عبد المنان چيو ته اسان کي اها خوشي آهي ته ڪانفرنس هال تعمير ٿي ويو.

سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبد التواب شيخ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو.

جڏھن ته ميڊيا سينٽر جي عاجز جمالي، شهري اتحاد جي محمد مراد خانزاده، سيد نور محمد شاهه جيلاني، الطاف حسين ڀٽي، ڪشمير ڪيريو پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي ڪارروائي صحافي مير محمد ڪيريو هلائي، تقريب ۾ قربان عمراڻي، عطا محمد سيال، ڊي ايس پي موٽروي حسنين عباس، شبير احمد راجپوت، ڊائريڪٽر PCC هدايت الله ڀٽو، پرنسيپال ATI يوسف چنه، رفيق احمد خانزاده،  ڪائونسلر گوبند رام، ڊاڪٽر پريم چند،  جاويد سومرو، مجيد عباسي، محمود مصطفيٰ مگسي، عبد الحميد آرائين، عبد الصمد گبول، شهري ادارن جي سربراهن ۽ واپارين هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن کان اڳ ڪانفرنس هال جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي وئي.