ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي: اسلام آباد جي ٽن علائقن ۾ اڄ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (اربع 08 جولاءِ 2020ع) وفاقي گادي واري شهر ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ لڳا. ڪورونا ڪيسن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي.

اسلام آباد جي ٽن علائقن ۾ جاري لاڪ ڊائون اڄ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي سيڪٽر 6 ون، جي 6 ٽو ۽ جي 7 ٽو کي اڄ ڊي سيل ڪيو ويندو.

ٽنهي علائقن کي 14 ڏينهن اڳ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ تي سيل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 37 هزار 489 تائين پهچي ويو آهي.

جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 4 هزار 922 ٿي ويو آهي.