عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي: تماشائين کان سواءِ پهريون ميڄ اڄ کيڏيو ويندو

news

لنڊن: (اربع 08 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين جون سرگرميون معطل ٿي ويون هيون پر هاڻ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي وئي آهي.

انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ عالمي ڪرڪيٽ سرگرميون بحال ٿي رهيون آهن. انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ اڄ سائوٽ هيمنٽن ۾ کيڏيو پيو وڃي. ٽيسٽ سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ جو حصو آهي.

انگلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان جوئي روٽ جي غير موجودگي ۾ ٽيم اڳواڻ جي ذميواري ورلڊ ڪپ فائنل جو هيرو بين اسٽوڪس سنڀاليندو.  جيسن هولڊر ويسٽ انڊيز ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچ کيڏيا ويندا. اڄوڪي ميچ ۾ ٻئي ٽيمون ڪاري نسل جي ماڻهن سان يڪجهتي جي طور تي پنهنجي شرٽ جي ڪالر تي ڪاري نسل جي ماڻهن جي حمايت ۾ بيج لڳائينديون.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ان يڪجهتي جو اڳ ئي اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم به اهڙا بيجز لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته هن سيريز کان پوءِ انگلينڊ ۽ پاڪستان جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ٽيست ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.