ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات، ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽي ڄڻا فوت

news

ڪراچي: (اربع 08 جولاءِ 2020ع ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ڊفينس، ابراهيم حيدري، ڪورنگي، قيوم آباد، اختر ڪالوني، محمود آباد، يونيورسٽي روڊ، گلشن اقبال، گلستان جوهر ۽ نارٿ ڪراچي ۾ ڪٿي تيز ته وري ڪٿي ڦڙ ڦڙ جاري آهي. ريسڪيو ذريعن موجب ماڊل ڪالوني ۽ ڪريم آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص ۽ مزدور فوت ٿي ويو. جڏهن ته ڪارساز ۾ بجلي جي تار ڪرڻ سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو.

فوت ٿي ويندڙ شخص جي سڃاڻپ 50 ساله محمد رفيق ولد حيات محمد جي نالي سان ٿي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو آهي ته ڪارساز تي ٿيندڙ افسوسناڪ واقعي کان آگاهه آهيون. واقعي جي تفصيلن بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جون لاڳاپيل ٽيمون فوري طور تي امداد جي لاءِ موقعي تي موجود آهن.

هوڏانهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ کان تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. چوماسي جو سسٽم شهر جي ڏاکڻي، اوڀرين ۾ موجود آهي. پر سڀاڻي کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويندو. هلندڙ چوماسي برساتن کان پوءِ ڪراچي جي موسم ۾ تبديلي ايندي.