انگلينڊ جي خلاف گگلي ۽ بريڪ منهنجو اهم هٿيار هوندا: ياسر شاهه

news

ڪراچي: (اربع 08 جولاءِ 2020ع)  پاڪستان جي مشهور اسپنر ياسر شاهه چيو آهي ته انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي.

ميزبان ٽيم جي خلاف گگلي ۽ بريڪ منهنجو اهم هٿيار هوندو. ياسر شاهه وڊيو لنڪ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته انگلينڊ جي خلاف سيريز ۾ موسم جي ڪنڊيشن سبب  پاڪستان کي تمام گهڻي مدد ملندي. اسان جي رانديگرن کي غير تجربيڪار چوڻ سٺو عمل ناهي. اسان جي نوجوان بالرن جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي.

محمد عباس کي ڪائونٽي ڪرڪيٽ جو تجربو آهي. شاهين شاهه کان تمام گهڻيون اميدون آهن. نسيم شاهه به بهترين فارم ۾ آهي. هن چيو ته انگلينڊ جي وڪيٽن تي بال سوئنگ ٿيڻ سان فائدو ملندو. گگلي ۽ بريڪ منهنجو اهم هٿيار هوندو. بالنگ سان گڏ بيٽنگ تي به ڌيان آهي. ڪوشش هوندي ته انگلينڊ جي زمين تي به سينچري ٺاهيان.

انجري سبب منهنجي ڪارڪردگي متاثر ٿي. واپس اچڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. منهنجو اعتماد واپس اچي ويو آهي.  پنهنجي بالنگ مان گهڻو مطمئن آهيان.