ثنا جاويد پاران ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي خراج تحسين پيش

news

لاهور: (اربع 08 جولاءِ 2020ع) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره ثنا جاويد فيشن ڊيزائنر عاصم جوفا جي تيار ڪيل پي پي اي ڪٽ پائي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته 2 ڪلاڪن جي فلائٽ لاءِ مان هي ڪٽ پاتي ۽ حيران ٿي ويس هن سخت گرمي ۾ عالمي وبا سان وڙهندڙ فرنٽ لائن جا ڪارڪن، ڊاڪٽر ۽ طبي عملو سڄو ڏينهن هن ڪٽ کي ڪيئن پائين ٿا.

هن ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي خراج تحسين پيش ڪندي لکيو آهي ته مان ان سمورن ماڻهن جي ڪاوشن، محنت ۽ قربانين تي کين سلام پيش ڪريان ٿي. ثنا جاويد عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ايس او پيز جي پيروي ڪن ته جيئن ڪورونا وبا کان محفوظ رهي سگهن.