ڄامشورو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز، ڇهه جوابدار گرفتار

news

ڄامشورو: ڄامشورو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز ـ پوليس پاران ڄامشورو ـ سائيٽ ڪوٽڙي ـ نوري آباد ۾ ڇاپا 6 جوابدار گرفتار ـ چوري ڪيل ڊيزل ـ منشيات ھٿ ۽ گاڏيون ھٿ ـ ڪيس داخل ـ ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ جي سخت ھدايتن تي ڄامشورو ڪوٽڙي سائيٽ ـ نوري آباد پوليس جون ڪاروائيون ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ايس ايچ او انسپيڪٽر طاھر مغل جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪار مٿان ڇاپو ھڻي منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار رضوان مغل کي گرفتار ڪري وٽانس 3 ڪلو 1 سئو گرام چرس ھٿ ڪري ورتو آھي ـ

هوڏانهن ڄامشورو پوليس ڪارروائي ڪندي ھڪ منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدار غلام علي خاصخيلي ۽ غيرقانوني طور رھندڙ افغاني آدم خان ولد حبيب جان کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻئي طرف نوري آباد پوليس ڳجھي اطلاع تي چوڪي نمبر 5 ڀرسان ھڪ مزده گاڏي تي ڪارروائي ڪندي چوري ڪيل 1300 ليٽر ڊيزل ھٿ ڪري ٻن جوابدارن کي مطيع الله ۽ محمد مصطفي ڪڪڙ کي گرفتار ڪري ورتو آھي ـ ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڄامشورو ضلعي ۾ ڏوھارين خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون ۽ خاص طور تي ضلعي مان منشيات جي خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکيون وينـديون مختلف ھنڌن تي ڪاروائيون ڪري 6 جوابدارن کي منشيات ـ چوري ڪيل ڊيزل سميت گاڏيون پڻ ھٿ ڪيون ويون آھن جن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويـندي.