ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا جا وڌيڪ نو ڪيس ظاهر، انگ وڌي هڪ سئو ٽيهه ٿي ويو

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، انگ وڌي 130 ٿي ويو. انتظاميا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام.

خبر موجب ٽنڊوڄام ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي. ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جنهن سبب ٽنڊوڄام ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 130 ٿي ويو آهي.

نون تصديق ٿيل ڪورونا مريضن ۾ ورڪشاپ اسٽاپ تي قائم خانگي بئنڪ جا 3 ملازم، ٽنڊوڄام ٿاڻي جو ننڍو منشي، حيدرآباد ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار سميت ٽنڊوڄام شهر جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺ ابو طالب سپيو جو رهواسي نوجوان شامل آهي. جن کي صحت کاتي جي ٽيم پاران سندن گهرن اندر ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي خانگي بئنڪ جي ٽن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد بئنڪ انتظاميا طرفان سڄي عملي کي گهرن اندر آئسوليٽ ٿيڻ جو حڪم ڏيندي حيدرآباد مان نئون عملو گهرائي بئنڪ جو ڪاروهنوار شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ لاءِ سرڪار پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي پوليس توڙي ضلعي انتظاميا عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويئي آهي. جنهن سبب ٽنڊوڄام ۾ تيزي سان ڪورونا مريضن جي انگ ۾ واڌارو اچي رهيو آهي.