news
نوابشاھ

نوابشاهه: زهر مليل پاڻي پيئڻ سان ٻه ٻار فوت، ماءُ پيءُ سميت ٽي بيهوش

نوابشاهه(رپورٽ:فداچانڊيو)نوابشاهه ۾ زھريلو پاڻي پيئڻ سبب ھڪ ئي ڪٽنب جا ٻه ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڄام صاحب روڊ جي رھواسي محمد فيضان آرائين ۽ سندس گھرڀاتي زھريلو پاڻي پيئڻ سبب بيهوش ٿي ويا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال آندو ويو جتي ھڪ نياڻي زارا ۽ ھڪ نينگر شاھزين فوت ٿي ويا جڏهن ته فيضان آرائين جي زال جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ٻئي طرف فيضان آرائين ۽ سندس ھڪ نياڻي روحاب جي حالت سڌرندڙ آھي جن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

 ٻئي طرف بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته فيضان آرائين ھوش ۾ اچڻ بعد بيان ڏنو آهي ته اسان گهر ۾ ڪولر جو پاڻي پيتو جنهن جو ذائقو تبديل ھئو جنهن بعد اسان بيهوش ٿيا سين.