طالبان جو پوليس هيڊ ڪوارٽر تي خودڪش حملو: ڇهه افغان اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: (خميس 09 جولاءِ 2020ع) پوليس هيڊ ڪوارٽر ۽ قندهار جي گورنر جي رهائشي عمارت تي طالبان جي خودڪش بم ڌماڪي جڏهن ته غزني ۾ ڪارروائي ۾ گڏيل طور تي 6 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب قندهار جي گورنر  جي ترجمان بابر احمد احمدي ٻڌايو آهي ته طالبان حملي آورن ڌماڪي خير مواد سان ڀريل هڪ فوجي ٽرڪ گورنر هائوس ۽ افغان پوليس جي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان فائرنگ ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش کان پوءِ خودڪش حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. قندهار جي ضلعي شاولي ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ 3 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ 14 شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پوليس هيڊ ڪوارٽر ۽ گورنر جي رهائشي عمارت کي به سخت نقصان پهتو آهي.

ٻئي طرف افغانستان جي صوبي غزني ۾ چوڪين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نڪرندڙ ضلعي پوليس جو اڳواڻ وحيدالله هڪ حملي ۾ پنهنجي ٻن محافظن سميت مارجي ويو. طالبان باضابطه طو تي ان ٻنهي ڪارروائين جي ذميواري قبول ڪري چڪا آهن.

واضح رهي ته فيبروري ۾ طالبان سان طئي ٿيندڙ معاهدي ۾ آمريڪا مرحليوار افغانستان مان پنهنجي فوج واپس گهرائڻ جو واعدو ڪري چڪو آهي جڏهن ته ٻئي طرف طالبان ڪارروائي جاري رکيون آهن.

سفارتڪار حلقن جو چوڻ آهي ته طالبان جي اهڙن حملن سان افغان حڪومت سان اسان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بي اعتمادي وڌندي. طالبان طرفان افغانستان ۾ ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري افغان سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنايو ويندو آهي.