انسٽاگرام تي صارفين ۾ جهيڙي جا امڪان گهٽ ڪندڙ فيچر سامهون اچي ويو

news

لنڊن: (خميس 09 جولاءِ 2020ع) سوشل ميڊيا تي لڳايل پوسٽن تي مختلف وقتن تي ڪمنٽ تمام وڏي تڪرار جو سبب بڻجي ويندا آهن ۽ اڪثر ماڻهو ان کي انا جو مسئلو بنائي وٺندا آهن.

ان امڪان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مشهور فوٽو شيئر ايپ انسٽاگرام صارفين جي سهوليت جي لاءِ هڪ نئون فيچر پنڊڪمنٽس جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. انسٽاگرام اعلان ڪيو آهي ايپ ۾ هاڻ پنڊ ڪمنٽس جو نئون فيچر سڀني جي لاءِ شامل ڪيو پيو وڃي. جنهن مان صارفين بهتر ڪمنٽس جي لسٽ رکي سگهن ٿا ته جيئن تبصرن کي بهتر انداز ۾ اڳيان وڌايو وڃي ۽ ڪنهن صارف کي پنهنجي مرضي جي اختيار جو موقعو ملي سگهي.

ان فيچر کان پوءِ هاڻ صارف جڏهن ڪنهن ڪمنٽ تي سوائپ ڪندو ته   ريپلائي رپورٽ ۽ ڊيليٽ سان گڏ پن آپشن به ملي سگهندو. هي هڪ مددگار اپ ڊيٽ آهي. ان سان ماڻهن کي توهين  وارن ڪمنٽس کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهندي. ان کان اڳ به انسٽاگرام ۾ صارفين کي آن لائن بدزباني ۽ ڌمڪين کان بچائڻ جي لاءِ ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.