سڪرنڊ جي مختلف شاخن پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال، ڌرڻو

news

سڪرنڊ: سڪرنڊ جي مختلف شاخن شھباز شاخ، سڪرنڊ شاخ، راهب شاھ شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سڪرنڊ جي نوابشاهه روڊ تي قائم ايريگيشن آفيس اڳيان اڄ چوٿين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪري نوابشاھ سڪرنڊ روڊ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اڳواڻ سيد زين شاهه، ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ، آبادگار باغ علي باجوا، محمد بچل ڏھيو، وڏيرو غلام مصطفيٰ ڪيريو، رئيس عبدالرحيم ڪيريو، وڏيرو غلام قادر انڙ، غلام حسين انڙ، رئيس قربان علي مگسي، رئيس شھمير جمالي، محمد ايوب ڏھيو، وڏيرو بشير احمد ڏھيو، ڪمدار احمد خان ماڇي، خان بھادر جمالي، امام علي جمالي، وڏيرو علي حيدر ڪيريو، غلام سرور جلباڻي، چاڪرخان جلباڻي، غلام حيدر ڏھيو ۽ ٻين آبادگارن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

آبادگارن جو لڳل ڌرڻو اڄ چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ۾ يڪجهتي طور سڪرنڊ جي مختلف سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن سول سوسائٽي ۽ شھري اتحاد سميت ٻين شرڪت ڪئي.

جڏهن ته بک ھڙتال ۾ آبادگار سربراهه ۽ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه پھچي ويو ۽ آبادگارن سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هڻي نٽھڻ اس ويھي رهيا.

ٻئي طرف سيد زين شاهه بک ھڙتالي ڪئمپ تي هڪ پريس  ڪانفرنس ڪندي پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪرڻ سميت مطالبو ڪيو ته پاڻي جي درست نموني ورهاست ۽ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ رينجرس مقرر ڪئي وڃي يا ڪو ايماندار آفيسر ڏنو وڃي، جيڪو پاڻي جي مڪمل مانيٽرنگ رکي سگهي. هن چيو ته جيسيتائين اسان جا جائز مطالبا نہ مڃيا ويندا تيسيتائين اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.