آمريڪا به پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي

news

اسلام آباد: آمريڪي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ پي آءِ اي جو خصوصي اجازتنامو رد ڪري ڇڏيو

 يورپ کان پوءِ آمريڪا به قومي ايئرلائن پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، ان حوالي سان آمريڪي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي جو خصوصي اجاتنامو رد ڪيو ويو آهي ۽ اها پابندي پي آءِ اي اڏامن جي سيفٽي تي ڳڻتي جي ڪري هئين وئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پابندي جو سبب پاڪستاني پائلٽس جي لائسنس کي شڪي قرار ڏيڻ آهي، پي آءِ اي جي هر قسم جي اڏامن تي پابندي هئين وئي آهي، هاڻ پي آءِ اي آمريڪا لاءِ پنهنجون اڏمون نه اڏائيندو.

ٻئي طرف پي آءِ اي جي ترجمان پابندي هڻڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪي ٽرانسپورٽ اداري جي اي ميل پهچي وئي آهي، آمريڪا کي جيڪي به ان حوالي سان خدشا آهن اهي ختم ڪنداسين.