ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ قاسم ماڇي ۾ باهه ڏيڻ، متاثرن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

news

ڪڙيو گھنور: ڪڙيو گھنور لڳ ڳوٺ قاسم ماڇي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ لڳل باهه وارو معاملو حل نه ٿي  سگهيو آهي، متاثرن ۽ سندن همدردن تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف  پريس ڪلب چوڪ اڳيان مين روڊ تي استاد محمد راھمون، عظيم سنڌي، سومار ماڇي، صديق ماڇي ۽ عمر ماڇي سميت عورتن پاران ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪيو ويو.

جنهن ۾ هنن چيو ته وڏيري اسان جي ڳوٺ کي باهه ڏني ۽ لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، وڏيري پوليس معرفت موٽ ۾ ڪيس به اسان غريبن تي داخل ڪرايو آھي، ڪيس ۾ جھونو قومپرست اڳواڻ استاد محمد راھمون پڻ شامل آھي.

هنن چيو ته اسان سان انصاف ڪرڻ بدران پوليس به سندن حمايتي ڪردار اد ڪيو آھي، هنن پوليس ۽ زميندار خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽  آءِ جي سنڌ، حڪومت سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف قومپرست اڳواڻ استاد محمد راھمون گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي  ته غريب مسڪين ماڇي برادري جي نياڻي سان وڏيرن جنسي ڏاڍائي ڪئي، گھرن کي باھيون ڏنيون ان جو ڪو به تدارڪ ڪون ٿيو، الٽو وڏيري رشوت عيوض اسان تي ڪيس داخل ڪيو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. زميندار ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا جڏھن ته ايس ايڇ او ڪڙيو گھنور جو چوڻ آھي ته زميندار خالد خان جي ٻني آھي جتي ھنن کيس ڪم ڪرڻ ڪون ڏنو ان بنياد تي ڪيس داخل ٿيو آھي، استاد محمد راھمون پاڻ مرادو گرفتاري پيش ڪئي آهي، اسان ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ ڪونه ڏينداسين، ٻئي ڌريون قانوني نظر ۾ هڪ ئي آهن ٻه اکيائي نه ٿيندي.