اسان کي اقليتي برادري جو احترام ڪندي برابري جا حق ڏيڻا پوندا: اياز لطيف پليجو

news

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ جيڪڏھن اسين چاھيون ٿا تہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ مسلمانن سان تفريق نہ ٿئي تہ اسان کي اقليتن کي برابري ڏيڻي پوندي۔

اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين چاھيون ٿا تہ ڀارت، برما، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن سان آئيني، انساني، سيڪيولر سلوڪ ٿئي. هن وڌيڪ چيو تہ اسان کي جناح صاحب جي 11 آگسٽ واري تقرير جو احترام ڪرڻو پوندو۔  هن چيو تہ ھر ملڪ جي وفاقي گادي واري شھر ۾ اقليتن کي مذھبي عبادت ۽ اجتماع جو حق ھجڻ گھرجي۔ 

اياز لطيف پليجي چيو  تہ اسان کي پاڪستان ۾ مليشيا، ترڪي ۽ يو اي اي وانگر چرچز، گردوارن ۽ مندرن جو احترام ڪرڻو پوندو.