ٽنڊوڄام: ڊوڪجي انتظاميا ٽول ٽيڪس ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ٽنڊوڄام(رپورٽ:مستنصر علي جمالي)حيدرآباد ميرپورخاص روڊ ڪمپني ڊوڪجي جي انتظاميه حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ٽول ٽيڪس ۾ ويهه کان پنجاهه سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٽول انتظاميا پاران حيدرآباد لڳ ڏيٿا اسٽاپ ۽ ميرپور خاص لڳ ٽول پلازا وٽ نئين جاري ڪيل ريٽ لسٽ ۽ ٽرانسپورٽرن لاء عام اطلاع جا نوٽيس پڻ  لڳايا ويا آهن. 

سپريم ڪورٽ طرفان ٽنڊوڄام تائين روڊ استعمال ڪرڻ تي 10 روپيا ٽول ٽئڪس وصول ڪرڻ واري حڪم جي پڻ لتاڙ ڪندي ان ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪندي ٽنڊو ڄام لاءِ 15 روپيا ٽول ٽيڪس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 

ٽول انتظاميه پاران ڪار جو ٽيڪس 60 رپين مان وڌائي 70 روپيا، ٽريڪٽر جو 55 مان وڌائي 65 روپيا، ٽرڪ جو 235 روپين مان وڌائي 280 روپيا، ٽرالر جو 305 مان وڌائي 365 روپيا، وين جو 175 روپين مان وڌائي 210 روپيا ۽ بس جو 235 روپين مان وڌائي 280 روپيا ٽول ٽئڪس مقرر ڪيو ويو آهي. 

ٽول انتظاميا موجب ٽول ٽيڪس سنڌ سرڪار جي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي منظوري سان لاڳو ڪيا ويا آهن ۽ وڌايل ٽول ٽئڪس آچر ڏينهن رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويندا.

نوٽ: فوٽو ميل ڪيا ويا آهن.