ميهڙ لڳ کوسا برادري ۾ زميني تڪرار، گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان زخمي

news

ميهڙ(رپورٽ:جاويد سومرو)ميهڙ لڳ ڳوٺ سائينداد گوگاڻي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زرعي زمين تان خوني تڪرار تيز ٿي ويو.

 گوليون لڳڻ سبب 12 ورهين جو ڪامران کوسوسخت سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي اطلاع ملڻ تي ميھڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو.

 تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ فوري طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي علاج لاءِ نيوويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس ميھڙ ٿاڻي تي داخل نه ٿيو.