ميهڙ:راڄ واهه موري ڀرسان مزده ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

news

ميھڙ(رپورٽ:جاويد سومرو) گاجي کهاوڙ لنڪ روڊ تي تيز رفتار مزدا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ راڄ واهه موري ڀرسان آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار خادم کوسو موقعي تي فوت ٿي ويو.

 اطلاع ملڻ تي ميھڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو

ٻئي پاسي مزدا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ ميھڙ پوليس مزده تحويل ۾ وٺي ميھڙ ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.