روزاني جي بنياد تي ايل ايم ايس سسٽم تحت آن لائين ڪلاس ورتا پيا وڃن: ترڪش معارف فائونڊيشن

news

ڄامشورو: ترڪي حڪومت طرفان پاڪ ترڪ معارف اسڪولز اينڊ ڪاليج سسٽم تحت پاڪستان ۾ پنهنجي هلندڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾  جولائي ۽ آگسٽ مهيني ۾ به پنهنجا آن لائين ڪلاس جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ روزاني جي بنياد تي ايل ايم ايس سسٽم تحت آن لائين ڪلاس ورتا ويندا آهن.

ان سلسلي ۾ پاڪ ترڪ معارف اسڪول برانچ لمس ڄامشورو جي انتظاميا طرفان شاگردن جي والدين ۽ ميڊيا جي نمائندن کي هلندڙ آن لائين ڪلاسن جو دورو ڪرايو ويو ان دوران ڊائريڪٽر يونس ايمري ڪوچ پنهنجي آفيس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ته دنيا م ڪورونا وائرس سبب پاڪ ترڪ معارف اسڪولز اينڊ ڪاليج سسٽم طرفان پنهنجو الڳ ۽ منفرد آن لائين سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾  اسڪول جي ايڊمنسٽريشن، استادن ۽ شاگردن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪلاس وائيز مضمون، اسائنمينٽ تي ڪم ڪيو ويندو آهي هر هڪ شاگرد کي پنهنجي الڳ الڳ آء ڊي مليل آهي، جنهن کي معارف فائونڊيشن طرفان جديد ٽيڪنالاجي تحت هلايو پيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسان جو اسڪول ترڪي گورنمينٽ جي معارف فائونڊيشن طرفان پاڪستان ۾ تعليم جي بهتري لاءِ بنا ڪنهن فائدي جي اسڪول هلائي رهيا آهيون، آن لائين ڪلاس هلڻ سان  90 سيڪڙو شاگرد فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، جتي اسان جو خرچ 10 ملين ۽ آمدني 8 ملين آهي، يونس ايمري ڪوچ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ترڪش معارف فائونديشن جي ماتحت اسان جو لمس برانچ اسڪول ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، جتي 88 ماڻهن جو اسٽاف آهي، ڪورونا وائرس واري مشڪل ۽ مالي پريشاني واري گهڙي ۾ ان اسٽاف جي پگهار ناهي روڪي کين جيئن جو تيئن سهولتون ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته ترڪي ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽيڪنالاجي فيئر ٿيندو آھي جنھن ۾ سڄي دنيا مان ڪيترائي ملڪ حصو وٺن ٿا اتي اسان جي شاگردن 45 سائنسي پروجيڪٽ موڪليا ھئا جن مان اسانجا  20 پروجيڪٽ پھريون رائونڊ مڪمل ڪري ڪامياب ٿيا آھن ۽ اميد آھي تہ فائنل ۾ بہ اسان جا گھڻي کان گھڻا پروجيڪٽ سليڪٽ ٿيندا.

ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال صنم شاهد پنهور ڳالهائيندي چيو ته ترڪش معارف فائونڊيشن ٻن سالن کان پنهنجي اسڪولن جو تعليمي معيار بهتر ڪيو آهي، ٻارهين ڪلاس تائين هلندڙ اسڪول جا سمورا ڪلاس مڪمل سينٽرل ايئرڪنڊيشن آهن، هن وقت پاڪستان سوڌو دنيا ۾ حالتون نارمل نه آهن ان باوجود مئي ۾ شروع ڪيل آن لائين جاري رکيا آهن جنهن مان تقريبن سڀئي والدين مطمئن آھن، هن چيو ته گذريل سال حيدرآباد تعليمي بورڊ مان 43 مان 39 شاگردن اي ون گريڊ ۾ پاس ڪيو آهي، صنم شاهد پنهور هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لمس برانچ اسڪول مان تازو پاس ٿيل بينچ مان 17 شاگردن ترڪي جي مختلف يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ تي داخلا لاءِ انٽرويو ڏنا ھئا جن مان 6 ڄڻا ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي نوجوان پنهنجي اهليت تي ملڪ جي اعلي معيار جي يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪري چڪا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي اسڪول ۾ راندين، ساليانو پروگرامن، عالمي ۽ ملڪي سطح جي سرگرمين ۾ اسان جا شاگرد حصو وٺي نمايان پوزيشنون حاصل ڪندا رهيا آهن جيڪو معيار اڳتي لاءِ به برقرار رکيو ويندو.