ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان پنجن ٻارن جي ماءُ قتل

news

ڏوڪري: ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ رات دير سان ٻين وڳي ٻن نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ننڊ ۾ ستل 5 ٻارن جي ماءُ رفيعت لاشاري زال فيض محمد لاشاري کي مٿي ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا۔

فائرنگ جي آواز تي مقتولا جو سهرو غلام سرور لاشاري ۽ گهر ۾ ستل ٻارڙا جاڳي پيا، جن چور چور جون رڙيون ڪيون جنهن تي ڳوٺاڻا پڻ واقعي واري هنڌ پهتا پر هٿياربند فرار ٿي ويا.

هوڏانهن واقعي جو اطلاع سيهڙ پوليس اسٽيشن تي ڏنو ويو جنهن مقتول عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڏوڪري پهچايو جتي پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب کيس پسٽل جون ٻه گوليون لڳل آھن۔

ان موقعي تي مقتولا عورت جي معصوم نياڻي غنويٰ لاشاري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان ننڊ ۾ ستل هئاسين ته رات ٻين وڳي نامعلوم ٻٽون ٻڌل هٿياربند گهر ۾ گهڙي اچي منهنجي امڙ تي پسٽل جا فائر ڪيا جنهن جي آواز تي منهنجو ڏاڏو غلام سرور لاشاري ۽ اسان اٿي پياسين ۽ چور چور جون دانهون ڪيونسين. اسان جي دانهن تي ڳوٺاڻا پڻ پهتا. هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آھي ظالمن بيگناهه اسان جي امڙ کي قتل ڪري اسان کي يتيم ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي۔

ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولا عورت مسمات رفيعت جو مڙس فيض محمد لاشاري ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي جيڪو گهر ۾ موجود نه هو جڏهن ته مقتولا پنهنجي پوڙھي سهري غلام سرور لاشاري ۽ پنهنجي معصوم ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين سان پنهنجي گهر ۾ رهندي هئي۔ مقتولا جو گهر ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن تي ٻاهرين طرف هجڻ جي ڪري هٿياربند قتل واري واردات ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.

ٻئي طرف سيهڙ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ممتاز سيال ٻڌايو آھي ته قاتلن کي پڪڙڻ لاءِ کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کڻائي رهيا آھيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ کين بخش نه ڪيو ويندو.

هوڏانهن اطلاع ملڻ تي مقتول عورت جو مڙس فيض محمد لاشاري پڻ ڪراچي کان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن پهتو ۽ لاش وصول ڪيو. اطلاع آھن ته تمام ضروري ڪارروائي کان پوءِ مقتولا جو لاش سندس وارث ٽنڊو ڄام کڻائي ويندا، جتي سندس تدفين پڻ ڪئي ويندي آخري اطلاعن تائين قتل جو ڪارڻ  اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آھي.