سجاول: مونکي شهرين جي تڪليف جو احساس آهي؛اياز شاهه شيرازي

news

سجاول(رپورٽ:نديم ميمڻ) ايم اين اي اياز شاھ شيرازي جي ڪوششن کان پوءِ ڊرينيج کاتي سجاول طرفان ٿري آر ايم سم نالي جي صفائي جو ڪم جاري،صفائي دوران سم نالي جي ڪپرن تان قبضا به ھٽايا ويا. 

ان موقعي تي ايم اين اي اياز شاھ شيرازي پھچي سم نالي جي صفائي ۽ ڪپرن تي ناجائز قبضا ختم ڪرائڻ جو جائزو ورتو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته برساتن جي پيش نظر سم نالي جي صفائي جو ڪم تيزيءَ سان ھلي رھيو آھي، ٿري آر ايم سم نالي جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي هئي جنهن ڪري برسات جي پاڻي جي نيڪال ۾ انتهائي ڏکيائي پيش ايندي هئي ۽ شھر جا ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا هئا.

 ھن چيو ته مونکي شھرين جي تڪليف جو احساس آهي ان ڪري آئون روز اچي ڪري صفائي جي ڪم جو جائزو وٺندو آھيان، صفائي جي ڪم ۾ ڪنھن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.