اسپوٽيفاءِ ڇا آهي؟ پاڪستان ۾ ان جو مطالبو ڇو پيو ڪيو وڃي؟

news

واشنگٽن: (آچر 12 جولاءِ 2020ع) ميوزڪ ٻڌڻ جي شوقين ماڻهن طرفان تازو ئي هڪ نئين مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته(اسپوٽيفاءِ) کي پاڪستان  ۾ جلد  لانچ ڪيو وڃي.

سوشل ميڊيا تي هن مهم جي شروعات ڏکڻ ڪوريائي گروپ( بي ٽي ايس) جي پرستارن طرفان ڪيو ويو آهي جنهن کي اي آر ايم وائي جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي. مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر جي پاڪستان پينل تي اسپوٽيفاءِ ٽرينڊ بڻجي رهيو آهي. اسپوٽيفاءِ هڪ ڊجيٽل ميوزڪ اسٽريمنگ سروس آهي جيڪو صارفين کي سڄي دنيا جي فنڪارن کان لکين گينن، پوڊ ڪاسٽ ۽ وڊيو تائين رسائي فراهم ڪندي آهي.

ميوزيڪ اسٽريمنگ سروس اسپوٽيفاءِ هن وقت دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن جا ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڀارت سميت  ٻيا به ڪيترائي ايشيائي ملڪ به شامل آهن. پر هي سروس هن وقت پاڪستان ۾ موجود ناهي. سوشل ميڊيا تي هن وقت هزارين صارفين طرفان پاڪستان ۾ اسپوٽيفاءِ کي لانچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

صارفين جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عوام موسيقي جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي  ۽ اهڙي طرح جو پليٽ فارم موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو.