افغانستان جي صوبي غزني ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڦاٽڻ سبب ڇهه ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: (سومر 13 جولاءِ 2020ع) افغانستان جي اوڀرين صوبي غزني ۾ روڊ ڪناري تي لڳل بم ڦاٽڻ سبب گاڏي ۾ سوار عورتن ۽ ٻارن سميت 6 شهري مارجي ويا.

ميڊيا رپورٽ موجب غزني صوبي جي ترجمان وحيدالله ٻڌايو آهي ته ضلعي جاگاتو ۾ گاڏي مسافرن کي کڻي  پنهنجي منزل طرف وڃي رهي هئي ته روڊ تي لڳل بارودي مواد سان  ٽڪرائجي وئي جنهن  کان پوءِ  ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به تنظيم يا گروپ فوري طور تي حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

ان کان علاوه بچاءُ واري وزارت پنهنجي بيان ۾  چيو آهي ته افغان فوجين اوڀرين صوبي لوگر جي ضلعي عذرا ۾ فوجي چوڪيون تي طالبان جي حملن کي دٻايو ويو آهي. حملي ۾ 8 طالبان  مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

ٻئي طرف طالبان افغان فوجين مٿان الزام هنيو آهي ته هو ان جي گهرن ۽ مائٽن کي پنهنجي ڪاررواين جو نشانو بنائي رهيا آهن. هوڏانهن پرامن رهندڙ صوبي دايڪندي جي ضلعي پنو ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ 12 ويڙهاڪن ۽ 4 پوليس اهلڪارن سميت گڏيل طور تي 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.

صوبائي پوليس جي نائب چيف نقيب الله مالستاني صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ويڙهاڪن جي گروپ گذريل ڏينهن صبح سوير ضلعي پتوکي جي علائقي ۾ سيڪيورٽي چوڪين تي اوچتو حملو ڪري ڏنو جنهن  کان پوءِ چڪريون شروع ٿي ويون. چڪرين دوران ويڙهاڪن کي 12 لاش ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو.