ڪولمبو: سپر اسٽور مان گهرن تائين سامان پهچائڻ جي ذميواري ڪتي سنڀالي ورتي

news

ڪولمبو: (سومر 13 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سموريون مارڪيٽون ۽ سپر مارڪيٽون به بند آهن جڏهن ته ماڻهو احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن ۽ ضروري شيون آن لائن ئي گهرائي رهيا آهن.

آن لائن ضروري شيون گهرائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ روبوٽ جو به استعمال ڪيو پيو وڃي. پر هاڻ تازو ئي ڪولمبو جي هڪ سپر مارڪيٽ صارفين تائين ضروري شيون پهچائڻ جي لاءِ ڪتي جو استعمال ڪري رهي آهي. 8 ساله ڪتو ايروس هڪ ٽوڪري ۾ فروٽ، ڀاڄيون ۽ ٻيون ضروري شيون سپر مارڪيٽ مان کڻي  ماڻهن جي گهرن تائين پهچائيندو آهي.

ڪتي جي مالڪ جو چوڻ آهي ته ايروس سماجي وٿي  برقرار رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو آهي ۽ ان مان ماڻهو به تمام گهڻو خوش ٿيندا آهن ته ڪتو انهن جي گهر تي ضروري شيون کڻي اچي ٿو. ڪتو جڏهن ڪنهن به صارف جي گهر ٽوڪري ۾ سامان کڻي ويندو آهي ته اهي ڪتي کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪتي کي تحفا به ڏيندا آهن.