ڪورونا وائرس وڌيڪ وقت تائين ماحول ۾ رهي سگهي ٿو: اين آءِ ايڇ

news

پشاور: (سومر 13 جولاءِ 2020ع) پاڪستان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ(اين آءِ ايڇ) نئين تحقيق ۾ خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس وڌيڪ وقت تائين ماحول ۾ زنده رهي سگهي ٿو  جنهن سان انسانن ۾ منتقلي  جي نئين شڪل جا رستا کلي سگهن ٿا.

ريسرچرز جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن ۾ نشانيون ظاهر نه ٿيون ۽ ڪورونا ٽيسٽ مثبت نه ٿيڻ جي باوجود ڪورونا وائرس سيوريج ۽ ضايع ٿيل  پاڻي ۾ ملي سگهي ٿو ۽ جڏهن هي تيار ٿي ويندو آهي ته علائقي جي لاءِ سرپرائز ثابت ٿيندو. رپورٽ موجب ماهرن طرفان مليل ريسرچ جي ڪاپي موجب سارس سبب پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي وبا جي باري ۾ اڳ ۾ خيال هو ته هي وائرس نڇ ڏيڻ يا کنگهڻ جي صورت ۾ پاڻي جي ننڍن ڦڙن جي شڪل ۾ ساهه، شين کي هٿ لاهڻ، کائڻ پيئڻ جي شين ذريعي هڪ شخص کان ٻئي شخص ۾ منتقل ٿيندو هو.

ان تحقيق کي نظر ۾ رکندي موجوده پوليو انوائرمينٽ سرويلنس نيٽ ورڪ کي ملندڙ 3 ڪٽس جي ذريعي ڪورونا وائرس جي موجودگي جي خبر لڳائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي 38 ضلعن مان سيوريج ۽ ضايع ٿيل شدبياني جا 78 نمونا ورتا ويا آهن. واضح رهي ته اين آءِ ايڇ جي هن تحقيق کي صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي حمايت حاصل آهي.