ڪورونا وائرس: دنيا ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ايڪهٺ هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر

news

واشنگٽن: (سومر 13 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 5 لک 72 هزار 207 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هڪ ڪروڙ 30 لک 61 هزار 725 ماڻهو متاثر آهن.

جڏهن ته 76 لک 8 هزار ماڻهو صحتياب ٿيا آهن.  آمريڪا ڪورونا وائرس سبب  متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي آهي. جتي 34 لک 14 هزار 42 ماڻهو متاثر آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 371 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ گڏيل طور تي فوتين جو انگ هڪ لک 37 هزار 784 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 17 لک 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر آهن  ۽ 72 هزار  151 فوتگيون ٿيون آهن. ڀارت ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي جتي مريضن جو انگ 8 لک 79 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ 23 هزار 187 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

روس ۾ ڪورونا سبب 7 لک 27 هزار 162 ماڻهو متاثر آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 11 هزار 335 ٿي ويو آهي. پيرو ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 11 هزار 870 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 26 هزار کان مٿي آهي. ڪورونا وائرس سبب چلي ۾ 3 لک 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽  6 هزار 979 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 28 هزار 400 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 989 آهي. ميڪسيڪو ۾ 2 لک 99 هزار 750 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 44 هزار 819 سئو کان وڌي ويو جڏهن ته 2 لک 89 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر آهن.

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ چار هزار 79 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 لک 76 هزار 242 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. ايران ۾ 2 لک 57 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر آهن ۽ 12 هزار 829 حياتيون وڃائي چڪا آهن. پاڪستان ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ 12هين نمبر تي آهي جتي 2 لک 48 هزار 872 ماڻهو متاثر ۽ 5 هزار 197 فوت ٿي چڪا آهن.