سجاول کي سمارٽ سٽي بڻايو ويندو: ايس پي سجاول سهائي عزيز ٽالپر

news

سجاول: واپاري ايسوسيئيشن ۽ انجمن تاجران پاران ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، واپاري اڳواڻن شرڪت ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو، ايس پي پاران شھرين جي خدمت جاري رکڻ جو عزم.

سجاول ۾ واپاري ايسوسيئيشن جي صدر نياز احمد ميمڻ پاران ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس پي سھائي عزيز ٽالپر چيو تہ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳي چڪيون آھن، سجاول ۾  سي سي ٽي ٽي ڪيمرائون لڳائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رھيا آھيون شھر کي سمارٽ سٽي بڻايو ويندو.

ھن چيو ته واپاري معاشري جو اھم حصو آھن انھن جي حفاظت اولين ترجيع آھي. ھن چيو ته سجاول جي واپارين لاڪ ڊائون ۾ پوليس سان تعاون ڪيو  آھي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪيو  آھي اميد آھي اھو تعاون جاري رھندو. ھن چيو ته بدليون سرڪاري ملازمت جو حصو آھن، سجاول جي ماڻھن مون کي عزت ڏني آھي پوري زندگي مون کي سجاول واسين جي ڏنل محبت ياد رھندي. ھن چيو ته سجاول جي نياڻين کي جيڪڏھن پنھنجي پڙھائي جي سلسلي ۾ ڪا به مدد گھرجي ته منھنجا دروازا سندن لاءِ کليل آھن آئون سجاول جي نياڻين جي ھر قسم جي مدد ڪنديس.

ھن چيو ته صحافي معاشري جو آئينو آھن آئون سجاول جي حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿي.ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي آفس جا دروازا ھر مظلوم لاءِ کليل آھن عوام جا سڀئي جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس.

آجياڻي جي موقعي تي انجمن تاجران جو مرڪزي اڳواڻ حاجي عبدالمجيد ميمڻ، حافظ رياض احمد ميمڻ، حاجي عبدالڪريم ڀرڳڙي، ھندو پنچائت جو صدر ماڌو داس، ماما اسماعيل ڪڇي سميت ٻيا معزز شھري ۽ واپاري موجود ھئا.