سپريم ڪورٽ حڪومت کي شوگرملز جي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي

news

اسلام آباد: (اڱارو 14 جولاءِ 2020ع) سپريم ڪورٽ حڪومت کي شوگرملز جي خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.   سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

حڪومت سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي هئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن کي شوگر جاچ ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. اڄ سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم امتناع تي عمل روڪي ڇڏيو آهي. عدالت سڳوري حڪم ڏنو آهي ته حڪومت ۽ ادارا قانون موجب ڪارروائي ڪن.

عدالت حڪومت کي شوگرملز مالڪن جي خلاف غير ضروري قدم نه کڻڻ جي به هدايت ڪئي آهي. سنڌ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 هفتن ۾ شوگرملز جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ شوگر ڪميشن جي رپورٽ تي حڪومتي عهديدارن کي بيان بازي کان به روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته بيان بازي سياسي معاملو آهي. وڌيڪ مداخلت نٿا ڪري سگهون.

اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته هي پهريون ڪميشن آهي جنهن ۾ 2 وزيراعليٰ پيش ٿيا. وزيراعظم جي ويجهي ساٿي کي به ڪميشن ۾ پيش ٿيڻو پيو. جسٽس اعجازالاحسن جو چوڻ هو ته شفاف ڪم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملوث ماڻهو ڪيفر ڪردار تائين پهچي سگهن.

ٽيڪنيڪي معاملن ۾ عوام جو مفاد پوئتي رهڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهون ٿا.