ڏوڪري: اغوا ٿيل ناري جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جوپاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

news

ڏوڪري(عبدالجبار ميمڻ)ڏوڪري ڀرسان چار ڏينهن اڳ ڳوٺ دريا خان مڱريو مان 4 کان وڌيڪ هٿياربندن ناري تهمينہ مڱريو کي اغوا ڪري ويا هئا جنهن جو ڪيس ڏوڪري ٿاڻي تي شهمير مڱريو، محمد مٺل مڱريو، صفر مڱريو ۽ هڪ نامعلوم تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 ان ڏس ۾ ناري جي بازيابي لاءِ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناري جي وارثن پيءُ خادم مڱريو، امڙ امير زادي، رحيم مڱريو، لعل خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ناري جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار شهمير مڱريو، صفر مڱريو ۽ لال ڏنو مڱريو کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هنن وڌيڪ چيو ته  جوابدار لال ڏنو مڱريو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جڏهن ته لال ڏنو مڱريو ڪيس تان هٿن کڻڻ لاءِ حراسان ڪري رهيو آهي.

 هنن وزير اعلي سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ٿا ڪيون ته اغوا ٿيل ناري تهمينہ مڱريو کي جوابدارن کان بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 ھوڏانھن ايس ايڇ او ڏوڪري عبدالرزاق ٽڳڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناري جي بازيابي لاءِ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد ناري کي جوابدارن کان بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. 

هن چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي ناري جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدار محمد مٺل مڱريو گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي جلد ٻيا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.