اسان ڪنھن جي به زمين تي قبضو ناھي ڪيو، مخالف اجائي واويلا پيا ڪن: سيد اياز علي شاهه شيرازي

news

سجاول: اسان جو ڪنھن جي به زمين تي ڪوبه قبضو ناھي، مخالفن  اسان جي حامين جي زمين تي قبضو ڪيو آھي ۽ خود ئي ھاءِ گھوڙا ڪري پاڻ کي مظلوم پيا ثابت ڪن.

اھڙن خيالن جو اظهار ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي سجاول ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، ھن چيو ته وڪيل غلام رسول سوهو جي زمين تي ڪنهن جو به قبضو نه آھي ۽ پوليس جو به اھڙو مؤقف اچي چڪو آھي ته زمين تي اصل مالڪ ويٺل آھن پر پوءِ بہ ڪجھ ماڻھو سياسي دڪانداري چمڪائي معاملي کي سياسي اشو بڻائي خوامخواهه اسان کي ان مسئلي ۾ ملوث ڪري رهيا آھن.

ھن چيو ته سڄو مسئلو مقامي راڄن جو آھي، اسان جي حامي ڪاپائي برادري جي ماڻھن جي سروي زمين آھي جنھن تي قبضو ڪري تلاءُ ٺاھيا ويا آھن ۽ وري ھاءِ گھوڙا به خود پيا ڪن. ھن چيو ته سڀني کي خبر آھي ته غلام رسول سوهو واري ڌر اسان جي چاچي حاجي عبدالستار شاهه شيرازي ۽ هڪ مائٽ سڪندر شاهه جي قتل ۾ ملوث آھن ۽ اڃان به خاموش نٿا ويهن.

انھن جي اهڙن افعالن جي ڪري سندن قوم جي اڪثريت به اسان سان گڏ آھي. ھن چيو ته ذاتي رنجش جي بنياد تي اسان کي به معاملي ۾ ملوث ڄاڻايو پيو وڃي ۽ اهو سڄو ڊرامو ڪاپائين جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙيون حرڪتون ڪري اسان جي سياسي ساک کي نقصان رسايو پيو وڃي. اسان کي اھڙن ھٿ ڪنڊن سان ڊيڄاري يا جھڪائي نه ٿو سگھجي. ھن چيو ته انتظاميه به اهڙين حرڪتن جو نوٽيس وٺي جيئن ڪو نقصان نه ٿئي. ھن سنڌ بار ڪائونسل کي به اپيل ڪئي تہ وڪيل غلام رسول سوھو جي ڪيل عمل جي جاچ ڪري حق سچ جو ساٿ ڏين.