لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ ٽيويهه جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

news

لاهور: (خميس 16 جولاءِ 2020ع) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جاچ ۾ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. شهباز شريف  آمدني کان وڌيڪ  اثاثن ۽ مني لانڊرنگ بابت نيب جاچ ۾ ضمانت جي لاءِ پيش ٿيو.

شهباز شريف عدالت کان استدعا ڪئي ته نيب وٽ  التوا هيٺ جاچ ۾ گرفتار ڪرڻ جا امڪان آهن ان ڪري عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي.

جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي ليگي ڪارڪن هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران جمع ٿيا. انهن حڪومت جي خلاف ۽ پنهنجي  اڳواڻن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.