چوهڙجمالي:ڪاري جادوءَ سان منهنجي تيرنهن گهر ڀاتين کي ماريو ويو آهي، پيرسن جي صحافين اڳيان دانهن

news

چوهڙجمالي(رپورٽ:محمد علي جتوئي )جوابدار ڪاري علم "جادو " جي استعمال سان منهنجي زال ۽ پٽ سميت 13 گهرڀاتين کي ماري چڪو آهي، هن علم ذريعي منهنجي به زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، منهنجي جان بچائي وڃي،اهڙو اظهار چوهڙجمالي ڀرسان ڳوٺ هاشم جت جي رهواسي پيرسن گل محمد جت چوهڙجمالي پريس ڪلب ۾ ميڊيا آڏو داهيندي ڪيو.

هن زارو قطار روئندي چيو ته منهنجي ڳوٺ ۾ 4 ايڪڙ زمين ڦٻائڻ لاءِ هڪ لالچي ملان احمد جت ڪاري علم جادو جي ذريعي منهنجو خاندان تباھ ڪري ڇڏيو آهي، جادو هڻي منهنجي زال ۽ پٽ سميت 13 گهرڀاتين کي ماريو ويو آهي ۽ مون تي به جادو ڪيو وڃي پيو.

هن چيو ته حافظ ضياء احمد ميمڻ وٽ ٿيل لکت ۾ فيصلي موجب ملان احمد جت جادو ڪرڻ بابت ساک ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي، هن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

 هن اعليٰ عدالتن ۽ ضلعي انتظاميا سجاول کان پرزور گهر ڪئي آهي ته جادوگر ملان احمد جت خلاف فوري ڪاروائي ڪري منهنجي جان بچائي وڃي.