آمريڪا، برطانيه، ۽ ڪينيڊا روس مٿان ڪورونا ويڪسين جي ڄاڻ چورائڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

news

لنڊن: (ڇنڇر 18 جولاءِ 2020ع) آمريڪا ۽ ڪينيڊا روس مٿان ڪورونا ويڪسين جي  آزمائشي پروگرام بابت ڄاڻ کي هيڪ ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا، برطانيه ۽ ڪينيڊا الزام لاڳو ڪيو آهي ته بيڪنگ گروپ اي پي ٽي 28 تي ڪورونا 19 جي ويڪسين جي تياري تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن ۽  طب جي ماهرن جي ريسرچ پيپر کي هيڪ ڪرڻ جي لاڳيتو ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ڪجهه مواد به چورايو ويو آهي.

ان حوالي سان آمريڪا، لنڊن، ۽ ڪينينڊا الزام لاڳو ڪيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي اهم ۽ ڳجهي ڄاڻ تي سائبر حملا ڪندڙ گروپ جو تعلق روس سان آهي جنهن کي روس جي صدر جي پٺڀرائي حاصل آهي. هي سائبر حملا ڪورونا ويڪسين جي جاچ مرڪز جي ڪمپيوٽر تي ڪيا ويا.

ٻئي طرف روس  آمريڪا، برطانيه ۽ ڪينيڊا جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته  دوائون ٺاهيندڙ ادارن ۽ جاچ مرڪزن جي ڄاڻ هيڪ ڪرڻ جي باري ۾ اسان وٽ ڪي به اطلاع ناهن اهڙا سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ۽ روس جو ان سائبر حملن بابت ڪوبه تعلق ناهي.